رتو ڪوٽ
رتو ڪوٽ سنڌوءَ جي ڊيلٽا واري علائقي جي اتر اولھ ڪنڊ ۾ واقع مچڪ ٻيٽ (جنهن کي بڊو ٻيٽ پڻ چيو ويندو آهي) تي موجود آھي ھي ھڪ اھم آثار قديما ۽ تاريخي ماڳ آهي، جيڪا ابراهيم حيدري جي ساحلي ڳوٺ کان ۱۰ ڪلوميٽرن کان به گهٽ فاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي، ۽ هزارين سالن دوران ٺھيل ھڪ مضموط واريءَ جي پٽي تي مشتمل آهي. اڄڪلھ ھي ٻيٽ هيٺاهين مٽي جي تھن ۽ تمر جي ٻيلن تي مشتمل آهي، جيڪو هن قديم قلعي لاءِ هڪ منفرد قدرتي ماحول مهيا ڪري ٿو
رتو ڪوٽ
رتو ڪوٽ سنڌوءَ جي ڊيلٽا واري علائقي جي اتر اولھ ڪنڊ ۾ واقع مچڪ ٻيٽ (جنهن کي بڊو ٻيٽ پڻ چيو ويندو آهي) تي موجود آھي ھي ھڪ اھم آثار قديما ۽ تاريخي ماڳ آهي، جيڪا ابراهيم حيدري جي ساحلي ڳوٺ کان ۱۰ ڪلوميٽرن کان به گهٽ فاصلي تي ڏکڻ ۾ واقع آهي، ۽ هزارين سالن دوران ٺھيل ھڪ مضموط واريءَ جي پٽي تي مشتمل آهي. اڄڪلھ ھي ٻيٽ هيٺاهين مٽي جي تھن ۽ تمر جي ٻيلن تي مشتمل آهي، جيڪو هن قديم قلعي لاءِ هڪ منفرد قدرتي ماحول مهيا ڪري ٿو.

سنڌ ۾ ڪٿي آهي
ڏسو مچڪ ٻيٽ تي رتوڪوٽ جو مقام، جيڪو ابراهيم حيدري کان تقريباً ۱۰ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف واقع آھي

ماڳ جو نالو ڏيڻ
رتوڪوٽ ماڳ جو ڪو تاريخي نالو نه آهي. ڪيترائي نظريا ان جي اصليت کي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته مقامي نالو قلعي جي پڪل مٽيءَ جي سرن جي ڳاڙهي رنگ مان نڪتل آهي. ٻيو نظريو ان کي ”رتون“ سان ڳنڍي ٿو، جيڪو ارڙهين صديءَ جو ٺٽي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جو گورنر هو. هڪ ٻي روايت موجب ھن نالي جو تعلق ھڪ افسوسناڪ واقعي سان ڳنڍيل آھي- هڪ شاديءَ جي تقريب جو قتلِ عام، جنهن سبب ”رتو ڪوٽ“ جو نالو پيو، جنهن جو ترجمو ” خوني قلعو“ (ڪيروران ۱۹۹۲) ٿئي ٿو. اهي مختلف تشريحون هن علائقي جون مشھور زباني روايتن ۽ پراڻي تاريخ جي عڪاسي ڪن ٿيون.
ماڳ جي وضاحت
مچڪ ٻيٽ تي آثار قديما جا آثار ان جي اوڀرين پاسي مرڪوز آهن، جيڪي تقريبن ۱۳۵ ايڪڙن تي پکڙيل آهن. رتوڪوٽ قلعو سڀ کان وڌيڪ نمايان ماڳ آهي، جيڪو حڪمت عملي جي لحاظ سان فٽي کاري وارن آبي گزرگاھن جي نگراني لاءِ ٺھيل ھيو. قلعو، جيتوڻيڪ بربادي ۾ آهي، ان جي چورس شڪل واريون ديوارون اڃا تائين برقرار آھن، جيڪي ۲ کان ۳ ميٽر بلند آهن. مستطيل پڪل سرن سان ٺهيل، قلعي جي ديوارن ۾ ضم ٿيل نيم گول مينار آهن. اهي مينار، مجموعي طور تي ۲۵ آھن، جيڪي ان جي مضبوط دفاعي جوڙجڪ جي.
نشاندهي ڪن ٿا. قلعي جي الهندي پاسي هڪ محفوظ داخلي دروازو آهي، جيڪو حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص طريقي سان ٺهيل آهي. قلعي جي ننڍي سائيز جي مقابلي ۾ مينارن جو گھڻو ھجڻ انھيءَ ڳالھ کي وضاحت ڪري ٿو تہ اھو هڪ دفاعي چوڪي جي حيثيت سان ڊيلٽا جي اهم آبي گذر گاھن جي حفاظت ڪندو ھيو.
مچڪ ٻيٽ تي آثار قديما جا آثار ان جي اوڀرين پاسي مرڪوز آهن، جيڪي تقريبن ۱۳۵ ايڪڙن تي پکڙيل آهن. رتوڪوٽ قلعو سڀ کان وڌيڪ نمايان ماڳ آهي، جيڪو حڪمت عملي جي لحاظ سان فٽي کاري وارن آبي گزرگاھن جي نگراني لاءِ ٺھيل ھيو. قلعو، جيتوڻيڪ بربادي ۾ آهي، ان جي چورس شڪل واريون ديوارون اڃا تائين برقرار آھن، جيڪي ۲ کان ۳ ميٽر بلند آهن. مستطيل پڪل سرن سان ٺهيل، قلعي جي ديوارن ۾ ضم ٿيل نيم گول مينار آهن. اهي مينار، مجموعي طور تي ۲۵ آھن، جيڪي ان جي مضبوط دفاعي جوڙجڪ جي. نشاندهي ڪن ٿا. قلعي جي الهندي پاسي هڪ محفوظ داخلي دروازو آهي، جيڪو حملن کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص طريقي سان ٺهيل آهي. قلعي جي ننڍي سائيز جي مقابلي ۾ مينارن جو گھڻو ھجڻ انھيءَ ڳالھ کي وضاحت ڪري ٿو تہ اھو هڪ دفاعي چوڪي جي حيثيت سان ڊيلٽا جي اهم آبي گذر گاھن جي حفاظت ڪندو ھيو.
غير يقيني شروعات
رتو ڪوٽ جي قلعي جي ابتدا اڃا تائين ھڪ ڳجھ بڻيل آھي. جيڪو گهارو کاري جي منهن واري پاسي ۽ قديم بندرگاهه شهر ڀنڀور کان فقط ۲۹ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آھي. ڪجهه عالمن اهو تجويز ڪيو آهي ته قلعو هن وڏي واپاري مرڪز جي حفاظت لاءِ ٺاهيو ويو هو. آثار قديمه جي ثبوتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو ساساني دور جي پڇاڙيءَ کان يا اوائلي اسلامي دورکان وٺي ۱۳ صدي عيسويءَ تائين آباد رھيو . هن عرصي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو قلعو شايد ۷۱۱ ع ۾ سنڌ جي اسلامي فتح کان بہ اڳ جو هيو.
قلعي جي اڏاوتي خصوصيتن ۾ عرب اثرن جي بجاءِ فارسيءَ اثرن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون . دفاعي مينارن جو وڏو تعداد ۽ دروازي جي جوڙجڪ ساساني فوجي فن تعمير سان گھڻي مشابهت رکي ٿي. تاريخي رڪارڊ موجب پنجين صدي عيسوي جي شروعات ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي ساساني اثر موجود ھئا. چيو وڃي ٿو تہ سنڌي حڪمران شنڪلات پنھنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ ديبل شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا ساساني بادشاهه بهرام پنجم (۴۳۶-۴۲۱عيسوي) (گھوش، ۲۰۰۳) کي ڏاج طور ڏنا. ڇا اھو ممڪن آھي تہ قلعي جي ابتدا ساساني دور ۾ ٿي ھجي؟
بعد ۾ رتوڪوٽ جا حوالا ۱۸ صدي عيسويءَ ۾، ڌاراجا رياست جي راڻيءَ جي دور ۾ سامهون اچن ٿا. انهن حسابن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعي کي وقتي طور تي ڇڏي ڏنو ويو هجي ۽ پوءِ هڪ فوجي چوڪي جي طور تي بحال ڪيو ويو هجي. وقفي وقفي سان استعمال جو هي نمونو ڊيلٽا علائقي ۾ قلعي جي مستقل عملي اهميت کي نمايان ڪري ٿو.
بعد ۾ رتوڪوٽ جا حوالا ۱۸ صدي عيسويءَ ۾، ڌاراجا رياست جي راڻيءَ جي دور ۾ سامهون اچن ٿا. انهن حسابن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعي کي وقتي طور تي ڇڏي ڏنو ويو هجي ۽ پوءِ هڪ فوجي چوڪي جي طور تي بحال ڪيو ويو هجي. وقفي وقفي سان استعمال جو هي نمونو ڊيلٽا علائقي ۾ قلعي جي مستقل عملي اهميت کي نمايان ڪري ٿو.
هن وقت تائين جي تحقيق
ان جي تاريخي اهميت جي باوجود، رتوڪوٽ صرف ابتدائي آثار قديما جي تحقيقات کان گذريو آهي. قلعي جي اندر، محققن مٽي جون تختيون، مٽيءَ جا ٿانو، چيني مٽيءَ جا ٿانو ۽ ۱۰۰ کان وڌيڪ پڪل مٽيءَ جي گولن جا باقيات دريافت ڪيا آھن، جن کي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا، جن مان ڪي پري چين ۽ عراق سان واسطو رکن ٿا، ماڳ جي بين الاقوامي واپار ڪردار جي نشاندهي ڪن ٿا. انهن نتيجن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته رتوڪوٽ شايد ڀنڀور ۾ سامان داخل ٿيڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ ڪسٽم چيڪ پوسٽ طور ڪم ڪيو هوندو . هڪ خاص دلچسپ دريافت.
عربي ڪوفي رسم الخط سان لکيل هڪ ٿنب آهي. جيتوڻيڪ اها لکت پوريءَ طرح واِضع نه آهي، پر اها ان مفروضي جي حمايت ڪري ٿي ته عربن سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ قلعو فتح ڪيو ۽ استعمال ۾ آندو. هي آثار قلعي جي اسلامي دور سان هڪ مضبوط تعلق جو ثبوط پيش ڪري ٿو ۽ قلعي جي قبضي ۽ استعمال جي پرت واري تاريخ کي اجاگر ڪري ٿو.
ان جي تاريخي اهميت جي باوجود، رتوڪوٽ صرف ابتدائي آثار قديما جي تحقيقات کان گذريو آهي. قلعي جي اندر، محققن مٽي جون تختيون، مٽيءَ جا ٿانو، چيني مٽيءَ جا ٿانو ۽ ۱۰۰ کان وڌيڪ پڪل مٽيءَ جي گولن جا باقيات دريافت ڪيا آھن، جن کي دفاع لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. مٽيءَ جي ٿانون جا ٽڪرا، جن مان ڪي پري چين ۽ عراق سان واسطو رکن ٿا، ماڳ جي بين الاقوامي واپار ڪردار جي نشاندهي ڪن ٿا. انهن نتيجن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته رتوڪوٽ شايد ڀنڀور ۾ سامان داخل ٿيڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ ڪسٽم چيڪ پوسٽ طور ڪم ڪيو هوندو . هڪ خاص دلچسپ دريافت. عربي ڪوفي رسم الخط سان لکيل هڪ ٿنب آهي. جيتوڻيڪ اها لکت پوريءَ طرح واِضع نه آهي، پر اها ان مفروضي جي حمايت ڪري ٿي ته عربن سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ قلعو فتح ڪيو ۽ استعمال ۾ آندو. هي آثار قلعي جي اسلامي دور سان هڪ مضبوط تعلق جو ثبوط پيش ڪري ٿو ۽ قلعي جي قبضي ۽ استعمال جي پرت واري تاريخ کي اجاگر ڪري ٿو.
موسمياتي تبديليءَ جا اثر
رتوڪوٽ قلعو پنھجي غير محفوظ جعغرافيائي ھنڌ سبب اهم خطرن ۽ ماحولياتي چيلينجن کي منهن ڏئي رھيو آھي. مچڪ ٻيٽ هڪ هيٺاهين وارو علائقو آهي جيڪو باقاعدگي سان ٻڏندو رھي ٿو. انھيءَ وير دوران، پاڻيءَ جي سطح قلعي جي ديوارن تائين پھچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ماڳ تائين رسائي ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ماڳ تي پهچڻ لاءِ سياحن ۽ محققن کي اڪثر پاڻي مان گذرڻو پوندو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلھ قلعي جا مرڪزي علائقا مڪمل طور تي ٻڏل نظر نٿا اچن، پر ماضيءَ جي ٻوڏن جا ثبوت اهو ظاهر ڪن ٿا ته قلعي کي صدين کان پاڻي جي نقصان.
جو نشانو بڻايو ويو آهي. موسمياتي تبديليءَ جا اثر انهن خطرن کي وڌائين ٿا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ سمنڊ جي سطح جي وڌندڙ بلندي ۽ لوڻ جي مقدار ۾ اضافو ماڳ جي تحفظ لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري ٿو. جيئن ٻيٽ جي بلندي سمنڊ جي سطح جي نسبت ۾ گهٽجندي پئي وڃي، تيئن مستقل ٻوڏ جو خطرو وڌي ٿو پيو. اهي ماحولياتي چيلينجز ڊيلٽا جي ٻين ثقافتي ورثي واري ماڳن کي پيش ايندڙ خطرن جي مشابهت رکن ٿا. انهن کي فوري تحفظ جي ڪوششن جي ضرورت آھي.
رتوڪوٽ قلعو پنھجي غير محفوظ جعغرافيائي ھنڌ سبب اهم خطرن ۽ ماحولياتي چيلينجن کي منهن ڏئي رھيو آھي. مچڪ ٻيٽ هڪ هيٺاهين وارو علائقو آهي جيڪو باقاعدگي سان ٻڏندو رھي ٿو. انھيءَ وير دوران، پاڻيءَ جي سطح قلعي جي ديوارن تائين پھچي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ماڳ تائين رسائي ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. ماڳ تي پهچڻ لاءِ سياحن ۽ محققن کي اڪثر پاڻي مان گذرڻو پوندو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلھ قلعي جا مرڪزي علائقا مڪمل طور تي ٻڏل نظر نٿا اچن، پر ماضيءَ جي ٻوڏن جا ثبوت اهو ظاهر ڪن ٿا ته قلعي کي صدين کان پاڻي جي نقصان. جو نشانو بڻايو ويو آهي. موسمياتي تبديليءَ جا اثر انهن خطرن کي وڌائين ٿا. سنڌوءَ جي ڊيلٽا ۾ سمنڊ جي سطح جي وڌندڙ بلندي ۽ لوڻ جي مقدار ۾ اضافو ماڳ جي تحفظ لاءِ سنگين خطرا پيدا ڪري ٿو. جيئن ٻيٽ جي بلندي سمنڊ جي سطح جي نسبت ۾ گهٽجندي پئي وڃي، تيئن مستقل ٻوڏ جو خطرو وڌي ٿو پيو. اهي ماحولياتي چيلينجز ڊيلٽا جي ٻين ثقافتي ورثي واري ماڳن کي پيش ايندڙ خطرن جي مشابهت رکن ٿا. انهن کي فوري تحفظ جي ڪوششن جي ضرورت آھي.
ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ اهميت
رتوڪوٽ جو مقام سنڌو درياھ ۽ عربي سمنڊ جي سنگم تي ان جي عملي اهميت کي واضح ڪري ٿو. تاريخي طور تي، سنڌو ڊيلٽا واپار ۽ ثقافتي مٽاسٽا لاءِ ھڪ اھم گذر گاھ رھيو آھي، جيڪو ڏکڻ ايشيا کي جزيره نما عرب، فارس ۽ ٻين علائقن کي ڳنڍيندو رھيو آھي، رتوڪوٽ جهڙن قلعن انهن سامونڊي ۽ دريائي واپاري رستن جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀنڀور جي ويجھو ھجڻ رتوڪوٽ جي تاريخي.
اهميت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو جيڪو خطي جي وسيع اقتصادي ۽ سياسي نظام جو حصو رھيو آھي. رتوڪوٽ جي حڪمت عملي واري اهميت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ارڙهين صديءَ ۾ ان کي ٻيهر ڌاراجا رياست جي قلعي واري چوڪي طور چونڊيو ويو.
رتوڪوٽ جو مقام سنڌو درياھ ۽ عربي سمنڊ جي سنگم تي ان جي عملي اهميت کي واضح ڪري ٿو. تاريخي طور تي، سنڌو ڊيلٽا واپار ۽ ثقافتي مٽاسٽا لاءِ ھڪ اھم گذر گاھ رھيو آھي، جيڪو ڏکڻ ايشيا کي جزيره نما عرب، فارس ۽ ٻين علائقن کي ڳنڍيندو رھيو آھي، رتوڪوٽ جهڙن قلعن انهن سامونڊي ۽ دريائي واپاري رستن جي حفاظت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڀنڀور جي ويجھو ھجڻ رتوڪوٽ جي تاريخي. اهميت کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو جيڪو خطي جي وسيع اقتصادي ۽ سياسي نظام جو حصو رھيو آھي. رتوڪوٽ جي حڪمت عملي واري اهميت جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته ارڙهين صديءَ ۾ ان کي ٻيهر ڌاراجا رياست جي قلعي واري چوڪي طور چونڊيو ويو.
رتوڪوٽ جي 3D تجربو جي ڳولا ڪريو
ماهر بصيرت: رتوڪوٽ تي گفتگو




ماهر بصيرت: رتوڪوٽ تي گفتگو




ماڳ جي گيلري
رتو ڪوٽ سان لاڳاپيل وڌيڪ تصويرون ۽ وڊيوز




ورثي وسيلن تائين رسائي
ضروري دستاويز، نظارا، ۽ اوزار دريافت ڪريو تہ جيئن اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولي سگھو

انهن ماڳن تي توهان پنهنجي تحقيق جاري رکڻ لاء
ورثي وسيلن تائين رسائي
ضروري دستاويز، نظارا، ۽ اوزار دريافت ڪريو تہ جيئن اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولي سگھو
