ڄام جسڪر ڳوٺ
سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي مٽيءَ جي اونهائي ۾ هي اڻ ڄاتل قلعو سال جو اڪثر پاڻيءَ ۾ ٻڏل رهندو آهي، جيڪو پاڻيءَ مان فقط گهٽ وير۾ ڪجھ مهينن تائين نڪرندو آهي. انهيءَ ماڳ جو مقامي نالو ڄام جسڪر ڳوٺ آهي، جيڪو علائقي جي مقامي سردار جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. بهرحال، ان جو تاريخي نالو ۽ سڃاڻپ هڪ راز آھي.

سنڌ ۾ ڪٿي آهي
ڏسو ٺٽي ضلعي ۾ ڄام جسڪر ڳوٺ جو مقام، جيڪو پورٽ قاسم کان ۱۶ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف واقع آھي

ماڳ جي تاريخ
ماڳ جي اصليت بابت ڪيترائي نظريا موجود آھن. هڪ نظرئي موجب اهو اٺين صدي عيسويءَ جي مشهور شهر ديبل جو هڪ همعصر شهر ھو، جنهن کي دمريلا سڏيو ويندو ھو. ٻيو نظريو اهو آهي ته هي ديبل جو آخري مرحلو ٿي سگھي ٿو، هن ماڳ کي کوٽڻ ۾مشڪلاتون پيش آيون آھن، ڇاڪاڻ ته اهو گهڻو ڪري ٻڏي ويندو آهي ۽ ان ڪري معياري زميني آثار قديما
واري طريقن سان ھتي محدود ڪاميابي حاصل ٿي آهي. سامونڊي آثار قديما جي طريقن جو استعمال ڪندي وڌيڪ تحقيقات شايد ماڳ جي صحيح سڃاڻپ کي واضح ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي.
ماڳ جي اصليت بابت ڪيترائي نظريا موجود آھن. هڪ نظرئي موجب اهو اٺين صدي عيسويءَ جي مشهور شهر ديبل جو هڪ همعصر شهر ھو، جنهن کي دمريلا سڏيو ويندو ھو. ٻيو نظريو اهو آهي ته هي ديبل جو آخري مرحلو ٿي سگھي ٿو، هن ماڳ کي کوٽڻ ۾مشڪلاتون پيش آيون آھن، ڇاڪاڻ ته اهو گهڻو ڪري ٻڏي ويندو آهي ۽ ان ڪري معياري زميني آثار قديما واري طريقن سان ھتي محدود ڪاميابي حاصل ٿي آهي. سامونڊي آثار قديما جي طريقن جو استعمال ڪندي وڌيڪ تحقيقات شايد ماڳ جي صحيح سڃاڻپ کي واضح ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي
ماڳ جي وضاحت
ماڳ تائين رسائي اڄڪلھ مشڪل آهي ڇو ته گهريون کاريون مٽيءَ جي تھن ۾ ڪٽيل آھن انھي ڪري علائقي تائين زميني رستي ذريعي پهچڻ بہ مشڪل ٿي پيو آھي. ٻيڙيءَ ذريعي رسائي به مشڪل بڻجي چڪي آهي ڇاڪاڻ تہ ماڻهو صرف وڏي وير دوران ئي ماڳ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر ان کي ڏسڻ لاءِ گهٽ لهرن جو انتظار ڪرڻو پوندو. ماڳ جا ڏسڻ ۾ ايندڙ حصا، هڪ چورس شڪل وارو قلعو، هڪ قبرستان، هڪ بٺي، ۽ هڪ وڏي مسجد لڳي ٿي. ماڳ تان مليل ڪوفي لکت واريون پٿر جون سليبون ۱۲هين صديءَ جي
آخر کان ۱۳هين صدي جي شروعات تائين ممڪن عمر جي نشاندهي ڪن ٿيون. جڏھن ته مٿاڇري جا باقي آثار اھڙا آھن جيڪي ان دور کي ڄاڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا جڏهن ماڳ تي قبضو ڪيو ويو هو، اهو ضروري ناهي ته قبضي جي ابتدائي دور جي نشاندهي ڪن. ان لاءِ ماهرين آثار قدیمہ کي سائنسي طريقي سان کوٽائي ڪرڻي پوندي، جيڪو هڪ اهم چئلينج آهي، ڇو ته هي ماڳ وچ سامونڊي لهرن واري علائقي ۾ واقع آهي.
ماڳ تائين رسائي اڄڪلھ مشڪل آهي ڇو ته گهريون کاريون مٽيءَ جي تھن ۾ ڪٽيل آھن انھي ڪري علائقي تائين زميني رستي ذريعي پهچڻ بہ مشڪل ٿي پيو آھي. ٻيڙيءَ ذريعي رسائي به مشڪل بڻجي چڪي آهي ڇاڪاڻ تہ ماڻهو صرف وڏي وير دوران ئي ماڳ تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر ان کي ڏسڻ لاءِ گهٽ لهرن جو انتظار ڪرڻو پوندو. ماڳ جا ڏسڻ ۾ ايندڙ حصا، هڪ چورس شڪل وارو قلعو، هڪ قبرستان، هڪ بٺي، ۽ هڪ وڏي مسجد لڳي ٿي. ماڳ تان مليل ڪوفي لکت واريون پٿر جون سليبون ۱۲هين صديءَ جي آخر کان ۱۳هين صدي جي شروعات تائين ممڪن عمر جي نشاندهي ڪن ٿيون. جڏھن ته مٿاڇري جا باقي آثار اھڙا آھن جيڪي ان دور کي ڄاڻڻ لاءِ مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا جڏهن ماڳ تي قبضو ڪيو ويو هو، اهو ضروري ناهي ته قبضي جي ابتدائي دور جي نشاندهي ڪن. ان لاءِ ماهرين آثار قدیمہ کي سائنسي طريقي سان کوٽائي ڪرڻي پوندي، جيڪو هڪ اهم چئلينج آهي، ڇو ته هي ماڳ وچ سامونڊي لهرن واري علائقي ۾ واقع آهي.
ماڳ بابت نظريا
جڏهن تہ ماڳ اڄڪلھ ڄام جسڪر جي ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي، پر مختلف عالمن ان جا مختلف نالا مرتب ڪيا آهن. هڪ مفروضو اهو آھي تہ ھي ماڳ بندرگاهي شهر دامريلا آهي، جيڪو ۱۳۷۵ع جي وچين دؤر جي دنيا جي نقشي تي ٻڌل يورپي ڪيٽلان ائٽلس تي ٻڌل آهي. ائٽلس ۾ ان ماڳ کي ڊامونيلا جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي ڪجھ آثار قديما جي ماهرن جو خيال آهي ته شايد دامريلا نالي جو بگاڙ ٿي سگهي ٿي. حيرت جهڙي ڳالھ اها آهي ته ابن بطوطہ ۱۳۳۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سفرن
بابت. پنهنجي لکڻين ۾ دامريلا يا ديبل جو ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت تائين انھن شھرن جي اھميت ختم ٿي چڪي ھئي. ۱۳۷۵ع ۾ ڪيٽلان ائٽلس ۾ دامريلا جو ذڪر اڃا تائين ڇو ڪيو ويو؟ ڇا اهو ان دعوي کي ڪمزور ڪري ٿو ته هي ماڳ دامريلا ٿي سگهي ٿو، يا ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته ائٽلس شهر جي زوال کان اڳ، اڳئين دور کان معلومات وٺي ٿو؟
جڏهن تہ ماڳ اڄڪلھ ڄام جسڪر جي ڳوٺ جي نالي سان مشهور آهي، پر مختلف عالمن ان جا مختلف نالا مرتب ڪيا آهن. هڪ مفروضو اهو آھي تہ ھي ماڳ بندرگاهي شهر دامريلا آهي، جيڪو ۱۳۷۵ع جي وچين دؤر جي دنيا جي نقشي تي ٻڌل يورپي ڪيٽلان ائٽلس تي ٻڌل آهي. ائٽلس ۾ ان ماڳ کي ڊامونيلا جو نالو ڏنو ويو آهي جنهن کي ڪجھ آثار قديما جي ماهرن جو خيال آهي ته شايد دامريلا نالي جو بگاڙ ٿي سگهي ٿي. حيرت جهڙي ڳالھ اها آهي ته ابن بطوطہ ۱۳۳۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ جي سفرن بابت. پنهنجي لکڻين ۾ دامريلا يا ديبل جو ذڪر نه ڪيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان وقت تائين انھن شھرن جي اھميت ختم ٿي چڪي ھئي. ۱۳۷۵ع ۾ ڪيٽلان ائٽلس ۾ دامريلا جو ذڪر اڃا تائين ڇو ڪيو ويو؟ ڇا اهو ان دعوي کي ڪمزور ڪري ٿو ته هي ماڳ دامريلا ٿي سگهي ٿو، يا ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته ائٽلس شهر جي زوال کان اڳ، اڳئين دور کان معلومات وٺي ٿو؟
هڪ متبادل نظريو اهو آهي ته هي شايد ديبل شهر جو دير سان ٺهندڙ روپ هجي، جيڪو ابتدائي ماڳ کان پوءِ اڀري آيو، جيڪو تڏهن اڀريو جڏهن اصل ماڳ سنڌو درياهه جي واريءَ سان آهستي آهستي ڀرجي ناقابل رسائي ٿي ويو۽ آخرڪار ڇڏي ڏنو ويو. اهو پڻ
خيال ڪيو ويو آهي ته دبيل ڪنهن هڪ جاءِ جو نالو نه، بلڪه ڊيلٽا جي هڪ وسيع علائقي کي سمجھيو ويندو ھيو(ابراهيم ۽ لاشاري، ۱۹۹۳)
هڪ متبادل نظريو اهو آهي ته هي شايد ديبل شهر جو دير سان ٺهندڙ روپ هجي، جيڪو ابتدائي ماڳ کان پوءِ اڀري آيو، جيڪو تڏهن اڀريو جڏهن اصل ماڳ سنڌو درياهه جي واريءَ سان آهستي آهستي ڀرجي ناقابل رسائي ٿي ويو۽ آخرڪار ڇڏي ڏنو ويو. اهو پڻ خيال ڪيو ويو آهي ته دبيل ڪنهن هڪ جاءِ جو نالو نه، بلڪه ڊيلٽا جي هڪ وسيع علائقي کي سمجھيو ويندو ھيو(ابراهيم ۽ لاشاري، ۱۹۹۳).
مسجد
مکيه قلعي جي ڏکڻ اوڀر طرف هڪ وڏي مسجد موجود آهي. ماهرن جو خيال آهي ته هي مسجد ۱۲۲۲ع ۾ جلال الدين منگبرني ٺهرائي هوندي، جيڪو خوارزمي سلطنت (۱۰۷۷-۱۲۳۱ع) جو آخري حڪمران هو. جڏهن هو چنگيز خان کان بچڻ لاءِ ڀڳو، تڏهن هن پنجاب ۽ سنڌ جا ڪجهه علائقا فتح ڪيا (جيڪسن، ۱۹۹۰). چيو ويندو آهي ته هو ٺٽي ويجهو ڊيلٽا ۾ ڪجهه وقت رهيو، جتي هن هڪ وڏي جامع مسجد تعمير ڪئي (ڪيروران، ۲۰۱۳). ڇا اها مسجد ڄام جسكر ڳوٺ واري ئي آهي؟
هن ماڳ تي ٻه پڪل مٽيءَ جا ٽائلس مليا، جن تي ڪوفي اسڪرپٽ ۽ نقش و نگار اڪريل هئا. اهي شايد مسجد جي نماز واري ڪمري جي قبلي واري ڀت کي سينگارڻ لاءِ فريز جو حصو هئا. ڳنڍيل ڪوفي انداز اوڀر ايران ۽ وچ ايشيا جي ۱۰هين صديءَ جي دريافتن سان مشابهت رکي ٿو. بهرحال، هن انداز جي پختگي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ٽائلس ۱۲هين صديءَ جي پڇاڙن ۽ ۱۳هين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ ٺاهيا ويا، ۽ انهن کي خراسان جي هنر ۾ تربيت يافته ڪاريگرن ٺاهيو هو (ڪيروران، ۲۰۱۳).
هن ماڳ تي ٻه پڪل مٽيءَ جا ٽائلس مليا، جن تي ڪوفي اسڪرپٽ ۽ نقش و نگار اڪريل هئا. اهي شايد مسجد جي نماز واري ڪمري جي قبلي واري ڀت کي سينگارڻ لاءِ فريز جو حصو هئا. ڳنڍيل ڪوفي انداز اوڀر ايران ۽ وچ ايشيا جي ۱۰هين صديءَ جي دريافتن سان مشابهت رکي ٿو. بهرحال، هن انداز جي پختگي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ٽائلس ۱۲هين صديءَ جي پڇاڙن ۽ ۱۳هين صديءَ جي شروعاتي دور ۾ ٺاهيا ويا، ۽ انهن کي خراسان جي هنر ۾ تربيت يافته ڪاريگرن ٺاهيو هو (ڪيروران، ۲۰۱۳).
آبهوا موسمياتي تبديلي جو اثر
ادَ الوسٽ سٽيز آف انڊس ڊيلٽا ھيريجيج ٽريل ۾ شامل سڀني ماڳن مان، ڄام جسڪر ڳوٺ شايد ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. شروعات ۾ خشڪيءَ تي ٺهيل هي ماڳ هاڻي لڳ ڀڳ مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي چڪو آهي ۽ سال ۾ رڳو ڪجهه وقت موسمي گهٽ لهرن دوران ظاهر ٿيندو آهي. پاڻيءَ جي وهڪرن سبب قلعي ۽ مسجد جي جايءِ تي
گهري کوٽائي نظر اچي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اڏاوتي حصا وهنجي ويا آهن. زمين جي آهستي آهستي هيٺ لهڻ ۽ درياهه جي لاٿيل ريت جي گڏ ٿيڻ سان، خاص ڪري موسمي تبديلن سبب سمنڊ جي سطح ۾ واڌ، هن ماڳ تي تيز رفتاريءَ سان اثر وجهي سگهي ٿي
ادَ الوسٽ سٽيز آف انڊس ڊيلٽا ھيريجيج ٽريل ۾ شامل سڀني ماڳن مان، ڄام جسڪر ڳوٺ شايد ماحولياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. شروعات ۾ خشڪيءَ تي ٺهيل هي ماڳ هاڻي لڳ ڀڳ مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي چڪو آهي ۽ سال ۾ رڳو ڪجهه وقت موسمي گهٽ لهرن دوران ظاهر ٿيندو آهي. پاڻيءَ جي وهڪرن سبب قلعي ۽ مسجد جي جايءِ تي گهري کوٽائي نظر اچي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اڏاوتي حصا وهنجي ويا آهن. زمين جي آهستي آهستي هيٺ لهڻ ۽ درياهه جي لاٿيل ريت جي گڏ ٿيڻ سان، خاص ڪري موسمي تبديلن سبب سمنڊ جي سطح ۾ واڌ، هن ماڳ تي تيز رفتاريءَ سان اثر وجهي سگهي ٿي.

ڄام جسڪر گوٹھ جو 3D تجربو ڏسو

ماهر بصيرت: ڄام جسڪر ڳوٺ تي گفتگو


ماهر بصيرت: ڄام جسڪر ڳوٺ تي گفتگو



ماڳ جي گيلري
ڄام جسڪر ڳوٺسان لاڳاپيل وڌيڪ تصويرون ۽ وڊيوز





ورثي وسيلن تائين رسائي
دريافت ڪريو ضروري دستاويز، نظارا، ۽ اوزار اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولڻ لاء

انهن ماڳن تي توهان جي پنهنجي تحقيق جاري رکڻ لاء
ورثي وسيلن تائين رسائي
دريافت ڪريو ضروري دستاويز، نظارا، ۽ اوزار اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولڻ لاء
