لاهري بندر

لاهري بندر، جنهن کي مقامي طور جاڪي بندر يا جونا شاھ بندر بہ سڏيو وڃي ٿو، هڪ مشهور بندرگاھ هو، جيڪو هاڻي ميرپور ساڪرو تعلقي، ٺٽي، سنڌ ۾ واقع آهي. اهو ماڳ ۱۱صدي عيسويءَ جو آهي، جيڪو مسلمان عالم  البيروني جي لکڻين ۾ ملي ٿو.  تاريخي دورن ۾ ان کي مختلف مسافرن مختلف نالن سان سڃاتو آھي  البيروني ,  ان کي لوهاري چيو آهي؛ ابن بطوطہ لاهري؛ ترڪ ايڊمرل سدي علي ريس ان کي بندر لاهري  يا ديولي سنڌ؛  جيئن تہ پرتگالي ان کي  ديول سنڌ؛ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دستاويزن ۾ ليري بندر سنڌ طور ذڪر ٿيل آھي، ڪن جو خيال آهي تہ اهو نالو لاهري نالي نديءَ جي هڪ پراڻي شاخ جي نالي تي رکيو ويو آهي يا اهو نالو لاڙ کان ورتو ويو آهي، جيڪو ڏکڻ سنڌوءَ جي ڊيلٽا واري علائقي جو مقامي نالو آهي.

لاهري بندر

لاهري بندر، جنهن کي مقامي طور جاڪي بندر يا جونا شاھ بندر بہ سڏيو وڃي ٿو، هڪ مشهور بندرگاھ هو، جيڪو هاڻي ميرپور ساڪرو تعلقي، ٺٽي، سنڌ ۾ واقع آهي. اهو ماڳ ۱۱صدي عيسويءَ جو آهي، جيڪو مسلمان عالم  البيروني جي لکڻين ۾ ملي ٿو.  تاريخي دورن ۾ ان کي مختلف مسافرن مختلف نالن سان سڃاتو آھي،  البيروني ان کي لوهاري چيو آهي؛ ابن بطوطہ لاهري؛ ترڪ ايڊمرل سدي علي ريس ان کي بندر لاهري  يا ديولي سنڌ؛  جيئن تہ پرتگالي ان کي  ديول سنڌ؛ ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دستاويزن ۾ ليري بندر سنڌ طور ذڪر ٿيل آھي، ڪن جو خيال آهي تہ اهو نالو لاهري نالي نديءَ جي هڪ پراڻي شاخ جي نالي تي رکيو ويو آهي يا اهو نالو لاڙ کان ورتو ويو آهي، جيڪو ڏکڻ سنڌوءَ جي ڊيلٽا واري علائقي جو مقامي نالو آهي.

سنڌ ۾ ڪٿي آهي

ميرپور ساڪرو تعلقي ۾ لاهري بندر جو مقام ڏسو، جيڪو پورٽ قاسم کان تقريباً ۱۵ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آهي.

معاشي اھميت

 چوڏھين صدي عيسويءَ ۾ مشهور سياح ابن بطوطہ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ لاهري بندر کي ”وڏي سمنڊ جي ڪناري تي هڪ خوبصورت شهر“ قرار ڏنو،  جتي ھڪ وڏو بندرگاھ ھو، جنھن ۾ يمن، فارس ۽ ٻين ملڪن جا ماڻهو ايندا هئا. ابن بطوطہ ٻڌايو تہ اهڙن سياحن ڪيئن بندرگاھي شهر جي خوشحالي کي وڌايو 

سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ لاهري بندر قلعي جو فضائي نظارو
سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ لاهري بندر قلعي جو فضائي نظارو

لاهري بندر مغلن لاءِ بندرگاھ ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو پڻ هو. جيتوڻيڪ مغل سلطنت بنيادي طور تي زمين تي ٻڌل هئي، پر شهنشاهه اڪبر، بندرگاھ جي اهميت کي تسليم ڪندي، ۱۵۹۱ع ۾ سنڌ جي الحاق کان پوءِ ان کي مغلن جي حڪومت هيٺ آندو. شاهجهان جي دورِ حڪومت ۾ چيو ويندو هو تہ هڪ وقت ۾ ۱۰۰۰جهازن جي گنجائش هئي. ٻين ڪيترن ئي بندرگاهن وانگر، مغلن جي دور ۾ لاهري بندر تي بہ ڌارين جو استقبال ڪيو ويو، ۽ ۱۷صدي عيسويءَ جي يورپي

بيانن ۾ بندرگاھ تي ٿيندڙ گهڻين سرگرمين جي تفصيل  ملي ٿو. مثال طور، هڪ انگريز سياح راءِ ڏيندي چيو تہ، سنڌ ۾ ”ٺٽي ۽ ان جي مکيہ بندرگاھ لواري بندر کان وڌيڪ ٻي ڪا تجارتي سرگرمي ڪانہ هئي. منوچي، هڪ وينس جي واپاري، بيان ڪيو تہ ڪيئن عرب ۽ فارسي ٻيڙيون مڪي مان مال، سفيد کنڊ، ناريل ۽ ڪپڙي جي بدلي ۾ کجور، گھوڙا، موتي، بخور، رٻڙ ۽ پٿر آڻيندا هئا.

لاهري بندر مغلن لاءِ بندرگاھ ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو پڻ هو. جيتوڻيڪ مغل سلطنت بنيادي طور تي زمين تي ٻڌل هئي، پر شهنشاهه اڪبر، بندرگاھ جي اهميت کي تسليم ڪندي، ۱۵۹۱ع ۾ سنڌ جي الحاق کان پوءِ ان کي مغلن جي حڪومت هيٺ آندو. شاهجهان جي دورِ حڪومت ۾ چيو ويندو هو تہ هڪ وقت ۾ ۱۰۰۰جهازن جي گنجائش هئي. ٻين ڪيترن ئي بندرگاهن وانگر، مغلن جي دور ۾ لاهري بندر تي بہ ڌارين جو استقبال ڪيو ويو، ۽ ۱۷صدي عيسويءَ جي يورپي بيانن ۾ بندرگاھ تي ٿيندڙ گهڻين سرگرمين جي تفصيل ملي ٿو. مثال طور، هڪ انگريز سياح راءِ ڏيندي چيو تہ، سنڌ ۾ ”ٺٽي ۽ ان جي مکيہ بندرگاھ لواري بندر کان وڌيڪ ٻي ڪا تجارتي سرگرمي ڪانہ هئي. منوچي، هڪ وينس جي واپاري، بيان ڪيو تہ ڪيئن عرب ۽ فارسي ٻيڙيون مڪي مان مال، سفيد کنڊ، ناريل ۽ ڪپڙي جي بدلي ۾ کجور، گھوڙا، موتي، بخور، رٻڙ ۽ پٿر آڻيندا هئا.

تاريخي حوالا

لاهري بندر جو ذڪر تاريخِ طاهري ۾ بہ بيان ڪيو ويو آهي، جيڪو ۱۷صدي عيسويءَ ۾ لکيل سنڌ جي تاريخ آهي، جنهن ۾ ٺٽي تي پورچوگيزن جي حملي ۽ ڦرلٽ جو ذڪر آهي. ڪپڙي جي پيداوار وارو شهر ٺٽو لاهري بندر سان  ڳنڍيل هو، جيڪو فقط ٻہ ڏينهن  جي فاصلي تي موجود ھو، جنھن پنهنجي دولت کي بندرگاھ جي تجارتي سرگرمين تي منحصر ڪيو هو. ذريعن موجب لاهري بندر ۽ ٺٽي جو واپاري لحاظ سان خوشحال شهرن طور ذڪر ڪيو ويندو ھو.

تاريخ طاهري بندرگاھ جي ترتيب ۽ داخلا جي طريقيڪار کي پڻ بيان ڪري ٿي. جڏهن به ڪو غير ملڪي جهاز بندرگاھ ۾ داخل ٿيندو هو تہ ويجهو ڳوٺ سوئي مياني ۾ موجود سپاهي ان جي اچڻ جو اشارو ڏيڻ لاءِ سگنل گن جو فائر ڪندا ھئا. تڏھن ٺٽي جا سوداگر  ٻيڙيءَ ذريعي سفر ڪري ڌارين جو معائنو ۽ معاهدو ڪرڻ لاءِ ملاقات ڪرڻ ايندا ھئا. اجازت ملڻ کانپوءِ، جهاز وري لاهري بندر يا ٻين بندرگاهن ڏانهن روانا ٿيدا ھئا . ھڪ اهڙو ئي احوال هڪ يورپي ايجنٽ فريملن پاران پيش ڪيو ويو  ھو، جنهن ۱۶۳۵ ۾ پنهنجي آمد جو تفصيل لاھري بندر ۾ بيان ڪيو ، ھن ۽ سندس ساٿي عملدارن جو استقبال  شاهبندر (بندرگاھ جو منتظم)، سندس پٽ ۽ ڪجھ واپارين ڪيو، جن مهمانن لاءِ رهائش جو بندوبست ڪيو هو. شاهبندر کي بندرگاھ جي انتظاميہ، ڪسٽم ڊيوٽي گڏ ڪرڻ ۽ ڌارين واپارين سان لاڳاپا قائم رکڻ جو ذمو سونپيو ويو هو، ان کان علاوه  پرتگالي، انگريز ۽ ڊچ ايجنٽن جي وچ ۾ تڪرارن کي بہ سنڀالڻو ھو، جيڪي بندرگاھ تي پنهنجو تسلط قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

ٻيٽ تي قلعو ۽ ڀرپاسي واريون اڏاوتون ڏيکاريندڙ نقشو (ڪيرورن، ۱۹۹۹).
ٻيٽ تي قلعو ۽ ڀرپاسي واريون اڏاوتون ڏيکاريندڙ نقشو (ڪيرورن، ۱۹۹۹).
ماڳ تي مليل چيني جا ٿانوَن (پورسلين)  جا ڀڳل ٽڪرا بين الاقوامي تجارت جي واضح نشاندھي ڪن ٿا (ڪيرورن، ۱۹۹۳)
ماڳ تي مليل چيني جا ٿانوَن (پورسلين) جا ڀڳل ٽڪرا بين الاقوامي تجارت جي واضح نشاندھي ڪن ٿا (ڪيرورن، ۱۹۹۳)

آثار قديم جا نتيجا / مليل شيون

اڄ جيڪي لاهري بندر جا آثار موجود آھن، اھي اٽڪل ۴ چورس ڪلوميٽرن جي پکيڙ ۾ ڊيلٽا واري علائقي ۾ چنڊ جي شڪل واري ٻيٽ تي واقع آھن، مکيہ ماڳ هڪ چورس شڪل واري قلعي تي مشتمل آهي، جنھن جي ھڪ پاسي کان لڳ ڀڳ ۱۰۰ ميٽر ۽ ان جا ۱.۷ ٿلھي  ڀت  جيڪا ۳ ميٽر اوچي آھي، قلعي ۾ اوڀر طرف ھڪ  دروازو آھي  جنھن جي ڀتين تي ڪل ۱۲ برج آهن، جن ۾ چار ڪنڊن تي آهن ۽ ٻہ دروازي جي ٻنهي پاسن کان آهن. اڏاوتون، جيڪي ڳاڙهي سرن مان ٺهيل آهن، هاڻي گهڻو ڪري تباھ ٿي چڪيون آهن. قلعي جي اندر پڪي ٿيل فرش ۽ اڏاوتن جا بنياد پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي رهائشي يا انتظامي مقصد جي تجويز ڪن ٿا. قلعي جي وچ ۾ وڻن جو هڪ مجموعو آهي، جتي شايد ڪنهن زماني ۾ پاڻي جو ذخيرو موجود هوندو. قلعي جي ٻاهران شهر جي ديوار جو هڪ وڌيڪ وسيع نقشو موجود آهي، جنھن.جو مقصد شايد اڀرندڙ نديءَ جي پاڻيءَ کان بچاءُ لاءِ ھو ، ۽ هڪ صنعتي علائقو پڻ موجود آھي جنهن ۾ بٺين، ڪرڙين، ۽ اڇلايل ٺڪرين جي موجودگيءَ سان ان کي سڃاتو ويو آھي. ھن جڳھ جي کوٽائي ۾ ٺڪريون ۽ چيني جي ٿانون (سيلاڊون ۽ پورسلين) جا ڀڳل ٽڪرا مليا آهن، ۽ چيني جي ٿانون مان معلوم ٿئي ٿو تہ شايد ھتي امير آبادي ھئي جيڪا اهڙيون عيش و آرام جون شيون وٺڻ جي قابل هئي يا لاهري بندر درياھ جي مٿان سامان جي منتقلي وارو ھنڌ هو.

Aerial view of the Lahiri Bandar Fort in the Indus Delta (MaritimEA 2024)

ماڳ کي خطرا

ھي ماڳ تيز ويرنَ دوران باقاعدي ٻوڏ جو شڪار هوندو آهي جيئن ته پاڻيءَ جون لھرون قلعي جي ديوارن تائين پھچي وينديون آهن. وقت گذرڻ سان گڏ اھو ڍانچي جي بنيادن کي نقصان پهچائڻ ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب ٿي سگھي ٿو، اهڙو اثر موسمي تبديليءَ سبب سمنڊ جي سطح ۾ اضافي  سان وڌڻ جو امڪان آهي. سائيٽ کي وڌيڪ خطرا خزاني جي شڪارين ۽ ڦرلٽ جي سرگرمين مان پڻ آھن، جيئن تازو موجود سوراخ جيڪي سائيٽ جي چوڌاري کوٽيا 

 ويا آهن انهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ماڻهون غلط طور تي اهو سوچي رهيا آهن تہ هتي ڪي خزانا موجود آهن. اهڙيون سرگرميون سائيٽ جي ڊگھي مدت جي تحفظ لاءِ نقصانڪار آهن. سائيٽ تي اهڙين سرگرمين کي روڪڻ لاءِ فعال نگراني، انتظام ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. 

ھي ماڳ تيز ويرنَ دوران باقاعدي ٻوڏ جو شڪار هوندو آهي جيئن ته پاڻيءَ جون لھرون قلعي جي ديوارن تائين پھچي وينديون آهن. وقت گذرڻ سان گڏ اھو ڍانچي جي بنيادن کي نقصان پهچائڻ ۽ ان کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب ٿي سگھي ٿو، اهڙو اثر موسمي تبديليءَ سبب سمنڊ جي سطح ۾ اضافي  سان وڌڻ جو امڪان آهي. سائيٽ کي وڌيڪ خطرا خزاني جي شڪارين ۽ ڦرلٽ جي سرگرمين مان پڻ آھن، جيئن تازو موجود سوراخ جيڪي سائيٽ جي چوڌاري کوٽيا ويا آهن انهن مان ظاهر ٿئي ٿو تہ ماڻهون غلط طور تي اهو سوچي رهيا آهن تہ هتي ڪي خزانا موجود آهن. اهڙيون سرگرميون سائيٽ جي ڊگھي مدت جي تحفظ لاءِ نقصانڪار آهن. سائيٽ تي اهڙين سرگرمين کي روڪڻ لاءِ فعال نگراني، انتظام ۽ تحفظ جي ضرورت آهي. 

وڏي وير دوران ماڳ لڳ ڀڳ مڪمل طور تي پاڻيءَ سان گهيريل
تازو ڦرلٽ ۽ خزاني جي شڪار سان لاڳاپيل سرگرميون سائيٽ کي نقصان پهچائي رهيا آهن

لاهري بندر جي 3D تجربو جي ڳولا ڪريو

ماهر بصيرت: لاهري بندر تي گفتگو

ماهر بصيرت: لاهري بندر تي گفتگو

ماڳ جي گيلري

لاهري بندر سان لاڳاپيل وڌيڪ تصويرون ۽ وڊيوز 

انهن ماڳن تي توهان پنهنجي تحقيق جاري رکڻ لاءَ

ورثي وسيلن تائين رسائي

دريافت ڪريو ضروري دستاويز، نظارا، ۽ اوزار اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولڻ لاء

انهن ماڳن تي توهان پنهنجي تحقيق جاري رکڻ لاءَ

ورثي وسيلن تائين رسائي

دريافت ڪريو ضروري دستاويز، نظارا، ۽ اوزار اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولڻ لاء

Coming Soon