سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارن علائقن جا گم ٿيل شهر دريافت ڪريو

 دَ لوسٽ سٽيز آف دَ انڊس ڊيلٽا ٽريل  ھڪ نئون  ۽ دلچسپ تجربو آهي.  ھاڻي توهان سنڌو جي ڊيلٽا  وارن علاقن ۾ موجود  گهڻو وقت اڳ وساريل آثار قديمه واري ماڳن جو دورو گھر ويٺي ڪري سگهو ٿا، جيڪو ڏکڻ پاڪستان جي سنڌ صوبي ۾ واقع آهي.  هن ڊجيٽل ھيريٽيج  ٽريل کي  ان ڪري تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن توهان سنڌوءَ  جي ڊيلٽا وارن علائقن جي شاهوڪار تاريخ کي دريافت ڪندي ھڪ انوکو ۽  عميق  تجربو حاصل ڪري سگھو.  جيئن ئي توھان سڀني ماڳن جو دورو مڪمل ڪندئو تہ انڊس ڊيلٽا جي تاريخ جا ماھر بڻجي ويندئو.   دَ لوسٽ سٽيز آف دَ انڊس ڊيلٽا ٽريل ڊجيٽل  ھيريٽيج  ٽريلس پروجيڪٽ  جو حصو آھي ، جيڪو ميريٽائيميہ  ريسرچ طرفان  تيار ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ سنڌو درياھ جي ڊيلٽا وارن علائقن ۾ خطري ۾ پيل آثار قديمه جي ماڳن کي دستاويزي بڻائڻ ۽ ڊجيٽل طور محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڪيو ويو آهي. ھن پروجيڪٽ تحت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اعليٰ معيار جون ٿري ڊي شڪليون، يعني انهن ماڳن جون “ڊجيٽل ڪاپيون” تيار ڪيون ويون آهن، جيڪي ماڳن جي مؤثر انتظام، ورثي جي تحفظ لاءِ ڪوششن، ۽ موسمي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون

Coming Soon