راڻوڪوٽ
راڻوڪوٽ قلعي جو تعلق داراجا رياست سان سمجهو ويندو آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي ڪيترن ئي جاگيرن مان هڪ آهي، جيڪو ۱۸ صدي ۾ مغل سلطنت جي زوال دوران موجود هو. جڏهن ته مغلن جي حڪومت ڪلهوڙن جي حمايت سان ٺٽي ۾ قائم هئي، ڌاراجا جا راڻا الهندي ڊيلٽا واري علائقي تي حڪومت ڪندا هئا. راڻو ڪوٽ سندن بنيادي قلعن مان هڪ هو.
راڻوڪوٽ
راڻوڪوٽ قلعي جو تعلق داراجا رياست سان سمجهو ويندو آهي، جيڪو سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي جي ڪيترن ئي جاگيرن مان هڪ آهي، جيڪو ۱۸ صدي ۾ مغل سلطنت جي زوال دوران موجود هو. جڏهن ته مغلن جي حڪومت ڪلهوڙن جي حمايت سان ٺٽي ۾ قائم هئي، ڌاراجا جا راڻا الهندي ڊيلٽا واري علائقي تي حڪومت ڪندا هئا. راڻو ڪوٽ سندن بنيادي قلعن مان هڪ هو.


سائيٽ جي وضاحت
راڻو ڪوٽ ميرپور ساڪرو جي هڪ زرعي علائقي ۾ واقع آهي. تاريخي طور تي اھو قلعو ڀرپاسي جي آبي رستن.جي.حفاظت لاءِ اھم ھو، اهو هاڻي ويجھي درياھ جي کاري کان هڪ ميل پري آهي. قلعي جا آثار زرعي ميدانن ۽ چراگاهن سان گھيريل آهن. اڄڪلھ رڳو االھنديون ۽ ڏاکڻيون ديوارون نظر اچن ٿيون، جيتوڻيڪ تمام گهڻيون ٻوٽن سان ڍڪيل آهن. ائين لڳي ٿو ته اوڀر ۽ اتر واريون ديوارون گھڻي عرصو اڳ تباھ ٿي چڪيون ھيون. اهو واضح نه آهي ته اھا تباھي درياھ جي وھڪري جي تبديليءَ سبب ٿي يا زرعي ۽ چراگاھي
مقصدن لاءِ زمين جي ٻيھر بحاليءَ سبب ٿي. ھڪ تنگ چينل ان ھنڌ تان وھي ٿو جتي اتر واري ديوار هجڻ گھرجي ها، پر اهو واضح ناهي ته چينل جي کوٽائي ديوار ۽ ان جي مينار جي تباهي سان لاڳاپيل آهي. اهڙي طرح اوڀر واري ديوار به غائب آهي. هن ڀت جي قطار سان گڏ هڪ وڏو سرن جو دڙو موجود آهي جيڪو قلعي جي دروازي جي باقيات سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو.
راڻو ڪوٽ ميرپور ساڪرو جي هڪ زرعي علائقي ۾ واقع آهي. تاريخي طور تي اھو قلعو ڀرپاسي جي آبي رستن.جي.حفاظت لاءِ اھم ھو، اهو هاڻي ويجھي درياھ جي کاري کان هڪ ميل پري آهي. قلعي جا آثار زرعي ميدانن ۽ چراگاهن سان گھريل آهن. اڄڪلھ رڳو الهندي ۽ ڏاکڻيون ديوارون نظر اچن ٿيون، جيتوڻيڪ تمام گهڻيون ٻوٽن سان ڍڪيل آهن. ائين لڳي ٿو ته اوڀر ۽ اتر واريون ديوارون گھڻي عرصو اڳ تباھ ٿي چڪيون ھيون. اهو واقح نه آهي ته انھن تباھي درياھ جي وھڪري جي تبديليءَ سبب ٿي يا زرعي ۽ چراگاھي مقصدن لاءِ زمين جي ٻيھر بحاليءَ سبب ٿي. ھڪ تنگ چينل ان ھنڌ تان وھي ٿو جتي اتر واري ديوار هجڻ گھرجي ها، پر اهو واضح ناهي ته چينل جي کوٽائي ديوار ۽ ان جي مينار جي تباهي سان لاڳاپيل آهي. اهڙي طرح اوڀر واري ديوار به غائب آهي. هن ڀت جي قطار سان گڏ هڪ وڏو سرن جو دڙو موجود آهي جيڪو قلعي جي دروازي جي باقيات سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو.
تعميراتي طريقيڪار
رتو ڪوٽ ۾ مختلف قسم جا تعميراتي طريقا نظر اچن ٿا. ديوارون ۽ مينار مٽي يا وارياسي پٿر سان ٺهيل معلوم ٿين ٿا جيڪي مٽيءَ ۽ پٿر جي ملبي سان ڀريل آهن. چن جو گارو استعمال ڪيو ويو آهي پر ساخت جي انتهائي خراب حالت جي ڪري اهو صرف ماڳ جي
ڪجهه حصن ۾ نظر اچي ٿو. ڪنارن جا مينار ۽ هڪ وچين ڀت وارو مينار اڃا تائين مغربي ۽ ڏاکڻي ڀتين تي نظر اچن ٿا پر انهن جي تحقيق ڪرڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته ٻوٽن جي وڌڻ سبب زمين جي نمائش محدود آھي.
رتو ڪوٽ ۾ مختلف قسم جا تعميراتي طريقا نظر اچن ٿا. ديوارون ۽ مينار مٽي يا وارياسي پٿر سان ٺهيل معلوم ٿين ٿا جيڪي مٽيءَ ۽ پٿر جي ملبي سان ڀريل آهن. چن جو گارو استعمال ڪيو ويو آهي پر ساخت جي انتهائي خراب حالت جي ڪري اهو صرف ماڳ جي ڪجهه حصن ۾ نظر اچي ٿو. ڪنارن جا مينار ۽ هڪ وچين ڀت وارو مينار اڃا تائين مغربي ۽ ڏاکڻي ڀتين تي نظر اچن ٿا پر انهن جي تحقيق ڪرڻ مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته ٻوٽن جي وڌڻ سبب زمين جي نمائش محدود آھي.
سرن جو استعمال صرف اوڀر واري دڙي ۾ ملي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اھو تعمير يا سار سنڀال جي مختلف دورن سان لاڳاپيل هجي. دڙو، جيڪڏھن اھو قلعي جي دروازي سان جڙيل ھجي، ته اھو ماڳ جي پوئين دور جي قلعي جو حصو ٿي سگھي ٿو. ملندڙ
وارياسي پٿر ۽ سرن جي تعمير جي محدود حدن مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد ان کي ٻين عمارتن، قبرستانن يا ڀرپاسي وارن علائقن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ بچايو ويو هجي.
سرن جو استعمال صرف اوڀر واري دڙي ۾ ملي ٿو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اھو تعمير يا سار سنڀال جي مختلف دورن سان لاڳاپيل هجي. دڙو، جيڪڏھن اھو قلعي جي دروازي سان جڙيل ھجي، ته اھو ماڳ جي پوئين دور جي قلعي جو حصو ٿي سگھي ٿو. ملندڙ وارياسي پٿر ۽ سرن جي تعمير جي محدود حدن مان معلوم ٿئي ٿو ته شايد ان کي ٻين عمارتن، قبرستانن يا ڀرپاسي وارن علائقن ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ بچايو ويو هجي.
ماڳ جي تاريخ
ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ، جيڪو اڳ ۾ ئي ڪمزور مغل سلطنت جي ٻاهرئين حدن تي واقع ھو ، ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪيتريون جاگيرون ۽ جايون اڀري آيون هيون. هي سياسي سازشن جو هڪ انتشار وارو دور هو، جنهن ۾ مقامي دشمني ۽ علائقائي عزائم تيز ٿي ويا هئا. ڌارجا جي حڪومت ڪرڻ وارو راڻا ارجن، مغل گورنريءَ خلاف مخالفت ڪرڻ وارن ڪيترن ئي جاگيردارن مان ھڪ ھو جنهن ٺٽي، سنڌ جي ان وقت جي گاديءَ واري هنڌ مغل گورنريءَ جي مخالفت ڪئي. راڻوڪوٽ، ڌاراجا جو هڪ مضبوط قلعو، ڇوڙ واري علائقي جي الهندي آبي رستن تي قبضو ڪيو، ۽ راڻا ارجن ۽ سندس خاندان جي ذاتي رهائش جي طور تي ڪم ڪيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، مغلن جي شاهي فرمان تحت هيٺئين سنڌ جي ناظم، شڪر الله کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو ته هو راڻا ارجن جي قتل ۽ سندس
علائقي کي ضم ڪرڻ لاءِ تنظيم سازي ڪري. شڪر الله بجار جوکيو کي اھو ڪم سونپيو. رانا ارجن کي آخر ڪار شڪست ڪيئن ڏني وئي، ان بابت مختلف روايتون آهن. اهڙو ئي هڪ احوال، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي لشڪر راڻوڪوٽ تي چڙهائي ڪئي ته راڻا ارجن پنهنجي خاندان کي ٻيڙيءَ ذريعي محفوظ جڳه تي موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته هو ۽ هڪ ننڍي رضاڪار فوج مچق ٻيٽ ۽ رتو ڪوٽ جي ٿرن ڏانهن ڀڄي ويا. فرار ٿيڻ جي ان ڪوشش جو اطلاع ملندي ئي بجار ۽ ۸۰ ڄڻن جو ٽولو رات جو پهتو ۽ راڻا ارجن جي خيمي تي حملو ڪيو. اڳتي هلي لڙائي ۾ راڻا ارجن مارجي ويو ۽ ان سان گڏ ۱۷۴۷ع ۾ ڌاراجا رياست جو خاتمو ٿي ويو، بجار کي سندس ڪوششن جي ڪري جوکين جو ڄام (ليڊر) بڻايو ويو ۽ ڪلهوڙن الهندي ڊيلٽا جي تمام گهڻي مشهور زمين تي قبضو ڪري ورتو.
ارڙهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ، جيڪو اڳ ۾ ئي ڪمزور مغل سلطنت جي ٻاهرئين حدن تي واقع ھو ، ڇوڙ واري علائقي ۾ ڪيتريون جاگيرون ۽ جايون اڀري آيون هيون. هي سياسي سازشن جو هڪ انتشار وارو دور هو، جنهن ۾ مقامي دشمني ۽ علائقائي عزائم تيز ٿي ويا هئا. ڌارجا جي حڪومت ڪرڻ وارو راڻا ارجن، مغل گورنريءَ خلاف مخالفت ڪرڻ وارن ڪيترن ئي جاگيردارن مان ھڪ ھو جنهن ٺٽي، سنڌ جي ان وقت جي گاديءَ واري هنڌ مغل گورنريءَ جي مخالفت ڪئي. راڻوڪوٽ، ڌاراجا جو هڪ مضبوط قلعو، ڇوڙ واري علائقي جي الهندي آبي رستن تي قبضو ڪيو، ۽ راڻا ارجن ۽ سندس خاندان جي ذاتي رهائش جي طور تي ڪم ڪيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، مغلن جي شاهي فرمان تحت هيٺئين سنڌ جي ناظم، شڪر الله کي ٺٽي جو نواب مقرر ڪيو ۽ کيس حڪم ڏنو ته هو راڻا ارجن جي قتل ۽ سندس علائقي کي ضم ڪرڻ لاءِ تنظيم سازي ڪري. شڪر الله بجار جوکيو کي اھو ڪم سونپيو. رانا ارجن کي آخر ڪار شڪست ڪيئن ڏني وئي، ان بابت مختلف روايتون آهن. اهڙو ئي هڪ احوال، جنهن ۾ ڪلهوڙن جي لشڪر راڻوڪوٽ تي چڙهائي ڪئي ته راڻا ارجن پنهنجي خاندان کي ٻيڙيءَ ذريعي محفوظ جڳه تي موڪلڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته هو ۽ هڪ ننڍي رضاڪار فوج مچق ٻيٽ ۽ رتو ڪوٽ جي ٿرن ڏانهن ڀڄي ويا. فرار ٿيڻ جي ان ڪوشش جو اطلاع ملندي ئي بجار ۽ ۸۰ ڄڻن جو ٽولو رات جو پهتو ۽ راڻا ارجن جي خيمي تي حملو ڪيو. اڳتي هلي لڙائي ۾ راڻا ارجن مارجي ويو ۽ ان سان گڏ ۱۷۴۷ع ۾ ڌاراجا رياست جو خاتمو ٿي ويو، بجار کي سندس ڪوششن جي ڪري جوکين جو ڄام (ليڊر) بڻايو ويو ۽ ڪلهوڙن الهندي ڊيلٽا جي تمام گهڻي مشهور زمين تي قبضو ڪري ورتو.
ماڳ کي خطرا
راڻوڪوٽ کي اهم خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪي ان جي ويجهو زرعي زمينن ۽ ان سان لاڳاپيل انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿي رھيا آھن. ڀرپاسي جي زمين وڏي پئماني تي پوکيل آهي، ۽ قلعي جي حدن تي هارين ۽ ڌنارن جي قبضن ۾ اضافا ٿي رهيا آهن. قلعي جي ايراضيءَ جا حصا زرعي ۽ چراگاهن جي استعمال لاءِ ٻيهر تيار ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ان جي بتدريج تباهي ٿيندي پئي وڃي. ٿقلعي جي ڀتين ۽ اڏاوتن مان مواد، جهڙوڪ
سرون ۽ پٿر، بچائي ڀرپاسي واري تعميرات لاء ٻيهر استعمال ڪيا ويا آهن. گڏو گڏ، اھڙا انساني دٻاء قلعي جي سالميت لاءِ خطرو بڻجن ٿا، ھن تاريخي ماڳ جي حفاظت لاء حفاظتي قدمن ۽ پائيدار زمين جي استعمال جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي فوري ضرورت آھي.
راڻوڪوٽ کي اهم خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جيڪي ان جي ويجهو زرعي زمينن ۽ ان سان لاڳاپيل انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿي رھيا آھن. ڀرپاسي جي زمين وڏي پئماني تي پوکيل آهي، ۽ قلعي جي حدن تي هارين ۽ ڌنارن جي قبضن ۾ اضافا ٿي رهيا آهن. قلعي جي ايراضيءَ جا حصا زرعي ۽ چراگاهن جي استعمال لاءِ ٻيهر تيار ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ان جي بتدريج تباهي ٿيندي پئي وڃي. قلعي جي ايراضيءَ جا حصا زرعي ۽ چراگاهن جي استعمال لاءِ ٻيهر تيار ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري ان جي بتدريج تباهي ٿيندي پئي وڃي. قلعي جي ڀتين ۽ اڏاوتن مان مواد، جهڙوڪ سرون ۽ پٿر، بچائي ڀرپاسي واري تعميرات لاء ٻيهر استعمال ڪيا ويا آهن. گڏو گڏ، اھڙا انساني دٻاء قلعي جي سالميت لاءِ خطرو بڻجن ٿا، ھن تاريخي ماڳ جي حفاظت لاء حفاظتي قدمن ۽ پائيدار زمين جي استعمال جي طريقن کي اختيار ڪرڻ جي فوري ضرورت آھي.
راڻوڪوٽ 3D تجربو جي ڳولا ڪريو
ماهر جي بصيرت: راڻو ڪوٽ تي گفتگو



ماهر جي بصيرت: راڻو ڪوٽ تي گفتگو




ماڳ جي گيلري
راڻو ڪوٽ سان لاڳاپيل وڌيڪ تصويرون ۽ وڊيوز

ورثي جي وسيلن تائين رسائي
دريافت ڪريو ضروري دستاويز، نظارا ۽ اوزار اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولڻ لاء

انهن ماڳن تي توهان جي پنهنجي تحقيق جاري رکڻ لاء
ورثي جي وسيلن تائين رسائي
دريافت ڪريو ضروري دستاويز، نظارا ۽ اوزار اسان جي ورثي واري منصوبي کي تفصيل سان ڳولڻ لاء
